اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن سان گلگت بلتستان جي ماڻهن کي روزگار ۽ معاشي ترقي جي لاءِ نوان موقعا ملندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس مل??قات ڪئي. مل??قات ۾ نگران وزيراعظم جي چين جي دوري ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گلگت ۽ سنڪيانگ ۾ واپاري رابطا وڌيڪ وڌائڻ جي حوالي سان مفاهمتي ياداشتن ۽ ٻ??ن قدمن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن سان گلگت بلتستان جي ماڻهن کي روزگار ۽ معاشي ترقي جي لاءِ نوان موقعا ملندا. گلگت بلتستان جي وڏي وزير نگران وزيراعظم جي تازي گلگلت بلتستان جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا.