اسلام آباد-26 آڪٽوبر(اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرڻ تي زور ڀريو. ڪشمير جي ڪا??ي ڏهاڙي جي موقعي تي قانون واري وفاقي وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي ڪا??و ڏهاڙو اسان کي ان ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن 1947ع ۾ ڀارتي فوج غير قانوني طور سرينگر ۾ داخل ٿي معصوم ماڻهن تي قبضي، ظلم ۽ ڏاڍ جي شروعات ڪئي. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪشمي??ين جي انساني حقن جي سالن کان ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هر سال ڪا??و ڏينهن ان لاءِ ملهايو وڃي ٿو ته جيئن ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف ??حتجاج ڪري سگهجي ۽ عالمي برادري کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ونسل (يو اين ايس سي) جي قراردادن تي عملدرآمد جي حاويل سان ان جي وعدن کي ياد ڏيارجي جيڪي ڪشمي??ين جي خوداراديت واري حق جي حمايت ڪن ٿيون.