بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چين جي صدر شي جن پنگ سي پيڪ جي تيز تر تعمير جي اهميت تي زور ڏيندي ان کي ترقي، روزگار، جدت ۽ گرين ڊيولپمينٽ جو لنگهه بڻائڻ جي ل??ءِ اهم قرار ڏنو جڏهن ته مختلف سطحن تي اسٽريٽجڪ رابطن ۽ عالمي فورمن تي تعاون جاري رکڻ سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو و??و. ??نهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي گريٽ هال آف پيپلز ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سمورن معاملن تي اتفاق ر??ءِ ڪيو و??و. ??نهي اڳواڻن سي پيڪ جي تيز تر تعمير جي اهميت تي زور ڏيندي ان کي ترقي، روزگار، جدت ۽ گرين ڊيولپمينٽ جو لنگهه بڻائڻ جي ل??ءِ اهم قرار ڏنو. هنن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته پاڪستان ??ي پائيدار ۽ مجموعي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ان ??ان واڳيل آهي. هنن اتفاق ڪيو ته ٻئي ملڪ مختلف سطحن تي اسٽريٽجڪ رابطن ۽ عالمي فورمن تي تعاون جاري رکندا. نگران وزيراعظم چيني صدر کي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي مستقبل جي حڪمت عملي بابت پيش ڪيل 8 نقطن کي ساراه??و. ??نهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري ۽ عالمي سطح تي اڀرندڙ صورتحال جي ڏس ۾ ان ??ي اسٽريٽجڪ اهميت کي اجاگر ڪ??و. ??لاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي ل??ءِ اعليٰ سطحي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ۽ چين اعتماد جوڳا حصيدار ۽ بهترين دوست آهن. چين جي اهم معاملن تي پاڪستان ??ي غيرمشروط ساٿ جو ورجاءُ ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو سبب آهن. صدر شي جن پنگ چيو ته پاڪستان چين جو مضبوط ڀاءُ ۽ اعتماد جوڳو دوست ۽ امن ۽ ترقي ۾ حصيدار آهي. هن چيو ته چين پاڪستان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ چين پاڪستان ??ي پنهنجي سالميت، سرحدن جي تحفظ ۽ ترقي حاصل ڪرڻ ۾ معاونت ڪندو رهندو. ٻنهي اڳواڻن بهتر علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي جي ل??ءِ گڏيل تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪو ٻنهي ملڪن جو گڏيل ويزن آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان چين سان ??لائقائي رابطن ۽ پاڪستان ??ي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪندو رهندو. صدر شي جن پنگ پاڪستان ??ي جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان موجود اقتصادي صلاحيت ۽ ان کي اڀرندڙ علائقائي واپار جو مرڪز بڻائڻ ۾ تعاون جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.