اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سينيٽر علي ظفر سان سندس والد ڊاڪٽر ??يس ايم ظفر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??ئون پنهنجي دوست ۽ وڪيل سينيٽر علي ظفر ۽ سندس گهرڀاتين سان تعزيت ڪريان ٿو، سندس والد ڊاڪٽر ??يس ايم ظفر ناليوارو آئين ساز ليکڪ ۽ شاندار وڪيل هو. الله تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري. هن چيو ته ڊاڪٽر ??يس ايم ظفر مون کي پنهنجو ڪتاب ”ڊيموڪريسي اينڊ اسلام ان هسٽري“ موڪليو هو جنهن جو مُون مطالعو ڪيو. شاندار ڪتاب موڪلڻ تي م??ن تازو ئي کيس ٿورن وارو پيغام موڪليو هو.