بيجنگ – 19 ?? آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پا??ستان سڄي ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، پا??ستان کي ٽرانزيشنل اڪانومي بڻائڻ ۽ ملڪ ۾ سياحت جي ترقي لاءِ ريلوي ۽ روڊ انفراسٽرڪچر انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنا ڪميونيڪشنز ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي سي اي او وانگ هائي هوائي ۽ چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن جي چيئرمين سان ڳالهائيندي ڪيو، جن بيجنگ ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ شريڪ ٿيندڙن سي پيڪ تحت سي سي سي سي ۽ سي آر بي سي تحت پا??ستان ۾ جاري منصوبن بابت آگاهه ڪيو. شريڪ ٿيندڙن پا??ستان ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير، قابل تجديد توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چيني ڪمپنين جي پا??ستان ۾ منصوب?? تي پذيرائي ڪئي ۽ انهن جي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پا??ستان سڄي ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پا??ستان کي ٽرانزيشنل اڪانومي بڻائڻ ۽ ملڪ ۾ سياحت جي ترقي لاءِ ريلوي ۽ روڊ انفراسٽرڪچر انتهائي ضروري آهي. نگران وزيراعظم چيني ڪمپنين جي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي.