باڪو – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اقتصادي ??عا??ن تنظيم (اي سي او) جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 27 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آذربائيجان جي شهر شوشا پهچي ويو. اها ڳالهه پرڏي??ي آفيس پاران جاري بيان ۾ ٻڌائي وئي. نگران پرڏيهي وزير آذربائيجان ۾ ٿيندڙ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.