اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صوبن کي هداي?? ڪئي آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل ڪرڻ جي لاءِ پرائيس ڪنٽرول مڪينزم کي فعال ڪيو وڃي. پنهنجي ٽو??يٽ ۾ هن چيو ته ٻارڻ جي قيمتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي جي ڏس ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي لاڳاپيل عملدارن کي پرائيس ڪنٽرول ??ي سخت طريقيڪار کي فعال ڪرڻ جي هداي?? ڪئي آهي. هن سمورن وڏن وزيرن کي چيو ته اهي ان ڳالهه کي يقيني ب??ائين ته ضروري شين ۽ خدمتن جو?? قيمتون اهڙي طرح گهٽ ڪيون وڃن، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو پاڪستاني عوام کي منتقل ڪرڻ طرف سموريون ڪوششون ڪيون وڃن ۽ ان تي سختي سان عملدرآمد يقيني ب??ايو وڃي.