اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي خاص هدايتن تي پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ جي اڳواڻن جي اعزاز ۾ انهن جا پورٽريٽس نيشنل بڪ فائونڊيشن ۾ لڳايا ويا. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير چيو ته انهن اڳواڻن جي همتن کي جيترو اجاگر ڪيو وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته مولانا عبيدالله سنڌي، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، حسن علي آفندي، چوڌر?? رحمت علي، قاضي محمد عيسيٰ ۽ ٻ??ن اڳواڻن جي اعزاز ۾ اسان انهن جا پورٽريٽس نيشنل بڪ فائونڊيشن ۾ لڳايا آهن. هن چيو ته ا??ي اڳواڻ اسان جي ملڪ جي هر صوبي مان آهن ۽ انهن جي خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.