اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون کان مٿا??هو?? ڪوبه ضابطو جاري نه ڪندي. توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ توانائي واري سيڪريٽري راشد محمو?? لنگڙيال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته نگران حڪومت پنهنجي آئيني مينڊيٽ کان مٿا??هو?? ڪو به قد?? نه کڻندي. هن چيو ته پاڪستا?? ۾ ??جلي جي وڌندڙ قيمتن جي عنصر?? ۾ ??جلي چوري سڀ کان وڏو عنصر آهي، هر سال 589 ارب رپين جي بجلي چوري ٿئي ٿي. توانائي جي شعبي ۾ سڌارا وقت جي ضرورت آهن. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ جي پريس ڪانفرنس بجلي چوري بابت آهي، جڏهن ته بجلي جي بل?? ۾ ??ضافي جي پـٺيان ٻين عملن بابت وڌيڪ ميڊيا بريفنگ ڏني ويندي. هن چيو ته نگران حڪومت ايندڙ ڏينه?? ۾ ??جلي جي صارفين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قد??ن بابت به ميڊيا کي آگاهه ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن وزير کي مفت بجلي فراهم نه پئي ڪئي وڃي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ۽ اي پي پي جو ايم ڊي محمد عاصم کچي به موجود هو.