اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪي?? ٽيم ڀارت ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندي، ٽيم جي سيڪيورٽي بابت خدشن کان آءِ سي سي ۽ ڀارتي عملدارن کي آگاهه ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس ب??يف??گ ۾ چيو ته آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ اسان جو حصو وٺڻ جو فيصلو پاڪستان جي مستقل موقف جي عڪاسي ڪري ٿو ته راندين کي سياست سان نه ڳنڍي سگهجي. ه?? چيو ته پاڪستان جو تعميري ۽ ذميواراڻو انداز ڀارت سان ٽڪراءُ آهي جنهن بار بار پنهنجي ڪرڪي?? ٽيم کي ايشيا ڪپ جي لاءِ پاڪستان موڪلڻ يا پاڪستان جي بلائنڊ ڪرڪي?? ٽيم کي ويز?? ڏيڻ کان انڪار ڪري راندين جي سياست ڪئي آهي. ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته ڀارت جي دوري دوران پاڪستان ڪرڪي?? ٽيم کي گهربل شائستگي، مڪمل حفاظت ۽ تحفظ ملندو. ه?? چيو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي سيڪيورٽي بابت اسان جي گهرن خدشن کان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ۽ ڀارتي عملدارن کي آگاهه ڪيو پيو وڃي.