اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪراچي ۾ پاڪ بحريه جي جنگي سا??ونڊي جهاز طارق جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. پي اين ايس طارق ملجم ڪلاس ڪارويٽ جنگي جهاز انهن چئن سا??ونڊي جهازن مان هڪ آهي جيڪي ت??ڪي?? سا?? ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي معاهدي تحت ترڪ ۽ پاڪستاني انجنيئر گڏجي ٺاهي رهيا آهن. تقريب ۾ ترڪ نائب صدر جودت يلماز به شرڪت ڪندو. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم سا?? ڪراچي ۾ ترڪ نائب صدر جي ملاقات پڻ ٿيندي. وزيراعظم ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد جي نمائندن سا?? به ملاقات ڪندو.