اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي شهيدن کي خراج عقيدت پ??ش ڪندي قوم پاران انهن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽ??ليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي ايثار جي جذبي تي انهن کي سلام پ??ش ڪيو. صدر شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي خراج عقيدت پ??ش ڪيو. صدر 9 جون تي مير??ن شاهه ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي وارثن سان ٽ??ليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر صوبيدار اصغر، سپاهي نسيم شهيد ۽ محمد زم??ن شهيد جي پونئيرن سا?? ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر 31 مئي تي حيدر خيل ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي ثاقب الرحمان جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر قوم پار??ن شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ پڻ دعا ڪئي. هن پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.