پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ??ئنيجنگ ??ائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??يڪ?? پيرس ۾ ”نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ“ جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ فرانس جي دوري تي آهي، هن آءِ ايم ايف جي ??ئنيجنگ ??ائريڪٽر سان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي ??چ ۾ جاري پروگرامن ۽ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم 27 مئي 2023ع تي ٽيليفون تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي آءِ ايم ايف جي ??ئنيجنگ ??ائريڪٽر کي پاڪستان جي ??عاشي صورتحال بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم معاشي ترقي ۽ استحڪام جي ??اءِ حڪومتي قدمن جو خاڪو پيش ڪيو. هن چيو ته ايڪسٽينڊيڊ فنڊ فيسيلٽي (اي ايف ايف) تحت نائين جائزي جي ??اءِ سمورا اڳواٽ قدم مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ پاڪستان حڪومت آءِ ايم ايف سان طئي ٿيندڙ پنهنجي ذميوارين کي ادا ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته آءِ ايم ايف جي اي ايف ايف تحت مختص فنڊز جلد کان جلد جاري ڪيا ويندا ان سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي ??اءِ حڪومت جي جاري ڪوششن کي سگهه ملندي. آءِ ايم ايف جي ??ئنيجنگ ??ائريڪٽر وزيراعظم کي جائزو وٺڻ جي جاري عمل جي حوالي سان پنهنجي اداري جي ??وقف کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات سان پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي ??چ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان فائديمند موقعو مليو. ملاقات ۾ ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ فرانس ۾ پاڪستان جو سفير عاصم افتخار احمد پڻ موجود هئا.