اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي اسپيشل ??ولمپڪس ٽيم کي برلن اسپيشل ??ولمپڪس ۾ شرڪت ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 87 ماڻهن تي ٻڌل پاڪستان جي اسپيشل ??ولمپڪس ٽيم جو 11 راندين جي مقابل?? ۾ ??صو وٺڻ فخر جوڳو آهي، اميد ڪريان ??و ته اسان جي ٽيم پنهنجي ??رپ??ر صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي. پاڪستان اسپيشل ??ولمپڪس ٽيم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان اسپيشل ??ولمپڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي پڻ مبارڪباد ڏيان ٿو، خوشي آهي ته ذهني معذوري جو شڪار ماڻهو به راندي?? ۾ ??صو وٺي رهيا آهن، پاڪستان جي اسپيشل ??ولپمڪس ٽيم اڳ ۾ به ميڊل کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. صدر چيو ته مثبت سرگرمي?? ۾ ??صوصي ماڻهن جي شموليت وڌائڻ جي ضرورت آهي، ان مقصد جي لاءِ انهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ راندين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ هڪ ٺوس ۽ شموليت تي ٻڌل معاشرو جوڙڻ جا خواهشمند آهيون، خصوصي ٻارن کي عام ٻارن سان گڏ اسڪول?? ۾ ??عليم ڏيڻ سان گڏوگڏ هنر ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.