اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد عالمي ڪنوينشن جي پڄاڻي و??ري ويهڪ ۾ سڄي ملڪ کان آئين جي حوالي سان ڪرايل مباحثن ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن پڻ خطاب ڪيو. قومي اسيمبلي هال ۾ پڄاڻي و??ري ويهڪ جو خاص مهمان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري هو. ان پڄاڻي و??ري سيشن ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف درجن جي تعليمي ادارن ۾ ”منهنجو آئين منهنجي آزادين جو ضامن“ جي موضوع تي تقريري مقابلن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن پنهنجي خطاب تي ايوان کان خوب داد وصول ڪيو. سڀ کان وڌيڪ داد اسڪول جي سطح تي بين الڪلياتي مقابلن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ وحد ڪالوني اسڪول لاهور جي اٺين ??لا?? جي شاگردياڻي مريحه معروف پنهنجي تقرير تي شرڪت ڪندڙن کان ڀرپور داد وصول ڪيو. پڄاڻي و??ري سيشن ۾ محي الدين اسلامڪ يونيورسٽي ميرپور جي شاگرد شاگرد چوڌري عزيز جاويد، گرينچ يونيورسٽي جي شاگرد سيد وقار حيدر زيدي ۽ مردان گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي شاگرد اقدس سليم موٽيويشنل خطاب ڪيو.