اسلام آباد – 03 – ??ئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان پاران داخل ٽن جدا جدا اپيلن کي رد ڪندي شڪايت ڪندڙن کي 32 لک رپين کان وڌيڪ جا انشورنس ڪليمز ادا ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن جي اندر عملدرآمد جي رپورٽ وفاقي محتسب کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اسٽيٽ لائيف ڄاڻي واڻي بيماريون لڪائڻ جي الزام تي پاليسي هولڊرز جي وارثن کي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. صدر پنهنجي فيص??ي ۾ قرار ڏنو ته ٽنهي معاملن ۾ اسٽيٽ لائيف پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي ان لاءِ هو ٽنهي شڪايت ڪندڙن کي انشورنس ڪليمز جي ادائيگي ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ٽن شڪايت ڪندڙن بشمول ثمينه شهزادي، محمد محفوظ ۽ سيتا جي خاندان جي ماڻهن اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن کان ترتيبوار 29 لک، 198290 ۽ 192000 رپين جون انشورنس پاليسيون حاصل ڪيون هيون. پاليسي هولڊرز جي فوت ٿيڻ کانپوءِ اسٽيٽ لائيف شڪايت ڪندڙن کي موت جي بيمي جي ڪليمز جي ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. شڪايت ڪندڙن ازالي جي لاءِ وفاقي محتسب سان رجوع ڪي??، جنهن انهن جي حق ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيا. بعد ۾ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان محتسب جي فيصلن جي خلاف صدر وٽ جدا جدا درخواستون داخل ڪيون، جن کي صدر رد ڪري ڇڏيو. شڪايت ڪندڙ ثمينه شهزادي جي معام??ي ۾ صدر قرار ڏنو ته ان جي فوتي مڙس (محمد سعيد احمد) جي موت اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي دعويٰ جي ابتڙ دماغ جي ٽيومر سان نه پر ڪوويڊ 19 جي ڪري ٿي هئي. محمد محفوظ جي معام??ي ۾ صدر نشاندهي ڪئي ته پاليسي ان جي ڀيڻ (چاند بي بي) کي 26.12.2018 تي جاري ڪئي و??ي هئي ۽ اها پاليسي حاصل ڪرڻ جي 3 سال ۽ 7 مهينن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ 19.12.2021 تي لاڏاڻو ڪري و??ي هئي. اهڙي طرح سيتا جي معام??ي ۾ قرار ڏنو ويو ته ان جي مڙس کي 31.12.2018 تي پاليسي جاري ڪئي و??ي هئي جيڪو پاليسي حاصل ڪرڻ جي 2 سال ۽ 2 مهينن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ 17.03.2021 تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته انشورنس آرڊيننس 2000ع جي سيڪشن 80 موجب آرڊيننس جي شروعات جي تاريخ کانپوءِ لائيف انشورنس جي ڪنهن پاليسي تي ٻن سالن جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ سوال نه ٿو اٿاري سگهجي جڏهن ته انهن ٻنهي معاملن ۾ اسٽيٽ لائيف جي فيلڊ آفيسرن جي ڳجهي رپورٽس پاليسي جاري ڪرڻ وقت پاليسي هولڊرز کي صحتمند قرار ڏنو هو. صدر پنهنجي فيص??ي ۾ قرار ڏنو ته ٽنهي معاملن ۾ اسٽيٽ لائيف پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي، ان لاءِ ان جي اپيلن کي رد ڪيو وڃي ٿو تنهن ڪري اسٽيٽ لائيف ٽنهي شڪايت ڪندڙن کي موت جي بيمن جي رقم ادا ڪري.