اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ابراهيم رئيسي کي ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي معاهدي تي مبارڪباد ڏن?? ۽ چيو ته اهو معاهدو علائقائي استحڪام کي سگهه ڏيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ٽيليفون تي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ايران جي صدر سان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مختلف رخن ۽ اسرائيل پاران انساني حقن ج?? پائمالين جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم چيو ته هن ايران جي صدر کي ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي معاهدي تي مبارڪباد ڏن?? جيڪو علائقائي استحڪام کي سگهه ڏيندو. وزيراعظم چيو ته هن ايران جي صدر ک?? پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏن?? آهي.