اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ 23 جنوري 2023ع تي ب??لي جي ڊگ??ي بريڪ ڊائون جي انڪوائري رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪئي وئي، انڪوائري رپورٽ ۾ انساني غفلت ۽ ب??لي جي پهچ جي نظام ۾ موجود خرابيون بنيادي سبب قرار ڏنا ويا آهن جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته قوم منتظر آهي ته پاور بريڪ ڊائون جي ذميوارن کي انهن جي ان سنگين لاپرواهي تي قرار واقعي سزا ڏني وڃي، ڪيپڪو جي پاور پرچيز معاهدي جي وقت سر تجديد ڇو نه ڪئي وئي، ب??لي جي پيدا??ار ۽ پهچ جي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا کي 23 جنوري 2023ع تي ملڪ گير پاور بريڪ ڊائون جي تف??يلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اها رپورٽ وزيراعظم جي هدايت تي قائم ڪيل چار رڪني انڪوائري ڪميٽي جوڙي جنهن جي سربراهي پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ ڪري رهيو هو. رپورٽ ۾ نه رڳو ان واقعي جا بنيادي سبب ٻڌايا ويا آهن پر ان حوالي سان ذميوارن جي نشاندهي ۽ اڳتي اهڙن واقعن کان بچڻ جي لاءِ تجويزون پڻ ڏنيون ويون آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 23 جنوري 2023ع جي صبح ساڍي 7 وڳي کان ب??لي جو بريڪ ڊائون پاور پلانٽس جي ٽرپ ٿيڻ سان رڳو چار منٽ ۾ پوري ملڪ ۾ پکڙجي ويو. ان جو بنيادي سبب انساني غفلت هئي جيڪو رات جو بند ڪيل اي سي سرڪٽس کي صبح جي وقت سوئچ آن نه ڪرڻ هو. جيئن ئي ملڪ جي اتر ۾ ب??لي جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏکڻ علائقي ۾ ونڊ انرجي سان پيدا ڪئي ويندڙ ب??لي سسٽم ۾ شامل ڪئي وئي ته اي سي لائين جي فريڪوئنسي غيرمعمولي طور تي وڌي وئي. ان فريڪوئنسي ۾ هڪدم اضافي سان مختلف پاور پلانٽس خودڪار سيڪيورٽي سسٽم تحت ٽرپ ڪري ويا. پاور پلانٽس کي بليڪ اسٽارٽ سسٽم ذريعي ري اسٽارٽ ٿيڻو هو پر ان نظام جي ناڪامي جي ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ ب??لي جي بحالي ۾ تمام گهڻي دير ٿي. وڌيڪ اهو ته اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪوٽ ادو پاور ڪميٽي جنهن وٽ بليڪ اسٽارٽ جي سهولت موجود آهي پر ان پاور پلانٽ ??ي معاهدي جو مدو ختم ٿي چڪو آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته قوم منتظر آهي ته ان وڏي واقعي جي ذميوارن کي انهن جي ان سنگين لاپرواهي تي قرار واقعي سزا ڏني وڃي. هن هدايت ڪئي ته پاور ڊويزن ان ڏوهاري غفلت جي مرتڪب اهلڪارن جي خلاف فوري طور تي محڪماڻي ڪارروائي ڪري. وزيراعظم پڇاڻو ڪيو ته ڪيپڪو جي پاور پرچيز جي معاهدي جو مدو جيڪڏهن ختم ٿي چڪو هو ته ان معاهدي جي تجديد جي لاءِ ضروري ڪارروائي ۾ دير ڇو ڪئي وئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اها به هدايت ئي ته ب??لي جي نظام کي سپروائيزري ڪنٽرول اينڊ ڊيٽا ايڪوزيشن (ايس سي اي ڊي اي) سان ڳنڍڻ جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته پاور ڊويزن ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا ب??لي جي پيدا??ار ۽ پهچ جي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي ڪابينا جي منظوري لاءِ پيش ڪن. وفاقي ڪابينا کي ب??لي چوري ۽ لائين لاسز جي حوالي سان پاور ڊويزن هڪ تف??يلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي پاور ڊويزن پاران تجويز ڏني وئي ته اهڙا علائقا جتي لائين لاسز 60 سيڪڙو ۽ ان کان وڌيڪ آهن اتي صورتحال کي ضابطي ۾ آڻڻ جي لاءِ هڪ خصوصي پوليس فورس جوڙي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ ب??لي سان هلندڙ ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جو منصوبو غور هيٺ آهي جنهن جي شروعات سڀ کان اڳ بلوچستان کان ڪئي ويندي. وزيراعظم ب??لي چوري، لائين لاسز کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي ۽ ب??لي سان هلندڙ ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جي حوالي سان هڪ خصوصي ڪابينا ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي.