پشاور – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غيرمتعدي م??ضن بابت وڏي پئماني تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ سياسي قيادت ۽ ميڊيا سميت سڀني ڌرين جي فعال ڪردار ??ي ضرورت تي زور ڏي??دي چيو ته اسان کي بيمارين کان بچڻ جي لاءِ اڳ ۾ ئي احتياطي تدبيرن جو رواج اختيار ڪرڻو پوندو، انهي احتياط سان ڪورونا جهڙي موذي وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي (ڪي ايم يو) ۾ غيرمتعدي م??ضن بابت ٿيندڙ ٽئين عالمي پبلڪ هيلٿ ڪانفرنس دوران خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪ??دي ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي صحت واري صلاحڪار ڊاڪٽر عابد جميل، نگران وڏي وزير اعظم خان، خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، وائيس چانسلر ڪي ايم يو ڊاڪٽر ضياءَ الحق ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ صدر جو پنڊال ۾ پهچڻ تي آجيان ڪئي وئي ۽ کيس عالمي ڪانفرنس جي مقصدن بابت آگاهه ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ ملڪي ۽ عالمي ڊاڪٽرن، صحت جي م??هرن، اسڪالرز، ڪي ايم يو جي فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪينسر سميت گهڻيون بيماريون غيرمتعدي هونديون آهن ۽ جيڪڏهن انهن جي سڃاڻپ ٿي وڃي ته شروعاتي م??حلن ۾ علاج سان قيمتي جانيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته ڦڦرن جو ڪينسر به قابل علاج آهي، جيڪڏهن وقت سر سُڃاڻپ ٿي وڃي، جيڪڏهن دير سان سُڃاڻپ ۽ علاج ٿئي ته حياتي کسيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو. هن تجويز ڏني ??ه صحتمند ۽ خوشحال معاشري جي لاءِ متعدي ۽ غيرمتعدي م??ضن بابت عوام ۾ آگاهي لاءِ ميڊيا تي خاص طور تي م??رننگ شوز دوران خصوصي پروگرام نشر ڪيا وڃن. ڊاڪٽر عارف علوي ڪيترين ئي زندگين کي بچائڻ جي لاءِ اڳ کان موجود صحت جي پاليسين کي عملي شڪل ڏ??ڻ تي زور ڏي??دي چيو ته اسان وٽ سڀئي گهربل پاليسيون موجود آهن پر ان تي عملدرآمد جي کوٽ آهي. هن چيو ته تيزي سان وڌندڙ آبادي م??يشت ۽ قومي وسيلن تي غيرمعمولي دٻاءُ وجهي رهي آهي. هن معاشي ۽ وسيلن ۽ آبادي جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي لاءِ آبادي ۽ غربت جي م??ئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اهم قدم کڻڻ تي زور ڏي??دي چيو ته سياسي قوتن جي وچ ۾ جهيڙن سان شايد ئي ڪو مقصد هجي پر قومي ترجيح مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن ڊاڪٽر ڪميونٽي کي م??ورو ڏنو ته اهي هڪ صحتمند ۽ خوشحال معاشري جي لاءِ ذهني طور تي تيار ڪن ۽ علاج جي دوران پنهنجي م??يضن کي قائل ڪن. هن چيو ته اسان کي ٻاهرئين ملڪن مان آيل ڊاڪٽرن جي لاءِ اهڙو ماحول مهيا ڪرڻو پوندو جنهن ۾ ره??دي اهي ملڪ جي اندر آساني سان مختلف مريضن جو علاج ڪري سگهن. ڊاڪٽرن جي لاءِ ملڪ جي اندر سهولتُون هونديون ته اهي بهتر طريقي سان ڪم ڪري سگهندا.