اسلام آباد -05 فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءَ و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ حمايت جي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان غيرقانوني ڀارتي قبضي، والاريل ڪشمير جي عوام س??ن حمايت جي مڪمل عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت جي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ج??ري آهي پر ان سان ڪشميرين جي آزادي جي عزم کي گهٽائي نٿو سگهجي. وفاقي وزير عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها ڪشميرين سان راءِ شم??ري بابت ڪيل پنهنجا واعدا پورا ڪري.