اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان چيو آ??ي ته ڀارت دنيا آڏو پاڻ کي جمهوري ۽ سيڪيولر ملڪ هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو پر اتي اقليتون محفوظ ناهن، ڀارت جو نام نهاد يوم جمهوريه اسان لاءِ ڪارو ڏهاڙو آ??ي. سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ۽ پاڪستاني ??ڄ جو ڏينهن ڪاري ڏهاڙي طور ملهائي رهيا آهن. ڀارت جو نام نهاد يوم جمهوريه جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن هر اها قرباني ڏني ??نهن جو مثال نٿو ملي. ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ لاءِ ڪشميرين پنهنجي ٽئين نسل قربان ڪري ڇڏي آهي، ڀارت گڏيل قومن ?? ڪشميرين کي خوداراديت وارو حق ڏيڻ جي پنهنجي ئي واعدي کان ڦري رهيو آ??ي. وزيراعظم آزاد ڪشمير چيو ته ڪشمير ڪنهن صورت ڀارت جو حصو ناهي ۽ نه ڪڏهن بڻجي سگهي ٿو. ڪشميري پاڻ کي پاڪستاني ??مجهن ٿا ۽ پاڪستان جي تڪميل جي جنگ وڙهي رهيا آهن. هندوستان جو مڪروه ۽ انسانيت جو قاتل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ٿيو آ??ي. ڀارت ڪشمير تي قبضو ڪري رکيو آ??ي. وزيراعظم چيو ته جمهوري ۽ سيڪولر ملڪ جي دعويٰ ڪندڙ هندوستان دنيا کي دوکو ڏيندڙ سڀني کان وڏو فراڊ آهي. ڀارت ڪشميري ماءُ، ڀينرن، بزرگن ۽ ٻارن تي انسانيت سوز ظلم ڪيا. وزيراعظم چيو ته ڀارت پاڻ کي جمهوري ملڪ چورائڻ جي لائق ناهي، ست ڏهاڪن کان هندوستان پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم جو بازار گرم ڪيو آ??ي. والاريل ڪشمير جي مسلمانن کان علاوه ڀارت جي ڪيترين ئي رياستن ۾ ماڻهو آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهن. هندوستان ۾ اقليتن لاءِ ڪا جاءِ ناهي.