اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موقعي تي ??يل??يئم جي پرڏيهي وزير حدجه لهبيب سان ملاقات ??ئي. پرڏيهي وزير هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته کيس ڊيووس ۾ ??يل??يئم جي پرڏيهي وزير سان ملي خوشي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ۾ ??يل??يئم پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراهم ڪيل تعاون کي ساراهيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻ??رفن معاملن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته ملاقات دوران اقتصادي واپاري، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزم ڪيو ويو.