ڪراچي – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي معاشري جي سمورن شعبن ۾ معذور ماڻهن جي شموليت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هر سطح تي ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. هو هڪ مقامي اسڪول ۾ انسٽيٽيوٽ آف هولسٽڪ ري هيبي لي ٽيشن اينڊ انڪلوزن (آءِ ايڇ آر آئي) جي اهتمام هيٺ ورلڊ ميمڻ آرگنائيزيشن جي تعاون خان خص??صي چلڊرن اسپورٽس گالا ۽ اسڪائوٽنگ ايونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪريرهي هئي. ثمينه عارف علوي چيو ته ملڪ جي پائيدار ترقي جي لاءِ اهو ضروري آهي ته سماجي، معاشي ۽ سياسي سرگرمين ۾ معذور ماڻهن جي شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي ڇو ته پاڪستان جي 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي کي مختلف شڪلين ۾ معذوري درپيش آهي. معذوري جي شڪار ماڻهن سان معاشري جو عمومي رويو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، جيڪو اهڙن ماڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۾ رڪاوٽ آهي ج??هن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، خص??صي ماڻهن جي بي عزتي يا توهين نه ڪريو پر تعليمي، سماجي ۽ معاشي سرگرمين ۾ ا??هن جي شرڪت جي حوصلا افزائي ۽ حمايت ڪريو. هن چيو ته پاڪستان اڳ ۾ ئي معذور ماڻهن بابت گڏيل قومن جي ڪنوينشن جي توثيق ڪري چڪو آهي، ملڪ ۾ قانون ۽ پاليسيون لاڳو آهن ۽ سرڪاري شعبي ۾ نوڪرين جي خص??صي ڪوٽا مخصوص ڪئي وئي آهي جڏهن ته سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارا ا??هن جي سهولت ۽ ا??هن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا اهن، جڏهن ته سمورين ڌرين کي قانونن ۽ پاليسين تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ، لاڳاپيل پاليسين کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، پهچ کي وڌائڻ ۽ حقيقي تبديلي ڻڻ جي لاءِ مجموعي سماجي رويي ۾ هڪ مثالي تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي خص??صي ٻارن کي فني ۽ پيشيواراڻي مهارتن ۽ تربيت سان ليس ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ٻين تي دارومدار ڪرڻ بدران پنهنجي روزي ڪمائڻ جي قابل ٿي س??هن ۽ معاشري جو هڪ ڪارائتو حصو بڻجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري س??هن. هن والدين ۽ صحت جي شعبي سان واڳيل ماڻهن تي ور ڏنو ته اهي نئين ڄاول ٻارن جو مناسب چيڪ اپ يقيني بڻائين ته جيئن معذوري جي ڪ??هن به ممڪن علامتن جي تشخيص ٿي س??هي ڇو ته وقت سر علاج ٻار کي س??ي عمر جي معذوري کان بچائي س??هي ٿو. خاتون اول اهڙي ٺوس تعليمي نظام کي لاڳو ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو جيڪو عام اسڪولن ۾ ٻين ٻارن سان گڏوگڏ خص??صي ٻارن جي تدريس ۽ تربيت جي صلاحيت رکندو هجي ته جيئن اهي زندگي جي مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ سکي س??هن. هن سرڪاري ۽ نجي شعبي جي سمورن اعليٰ تعليمي ادارن تي زور ڏنو ته اهي ايڇ اي سي جي پاليسي موجب رعايتي فيسن تي خص??صي ماڻهن جي لاءِ باقاعده ڪورسز ۾ داخلا جي سهولت فراه?? ڪن. ثمينه عارف علوي معذوري جي شڪار ماڻهن جي اچ وڃ ۾ آساني پيد ڪرڻ جي لاءِ عمارتن، عوامي جاين ۽ ٽرانسپورٽ جي سهولتن ۾ ريمپ جي ضرورت تي روشني وڌي. هن وڌيڪ چيو ته اکين کان محروم ٻارن کي ننڍي عمر کان ئي سفيد ڇڙي جو استعمال سيکاريو وڃي. هن خص??صي ٻارن کي تعليم ۽ تربيت جا موقعا فراهم ڪرڻ تي آئي ايڇ آر آئي ۽ ڊبليو ايم او کي ساراهيو ۽ ا??هن جي مستقبل جي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو. خاتون اول آگاهي ڦهلائڻ ۽ خص??صي ماڻهن جي شموليت جي تصور کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت مهم ۾ بيداري شعور جي ڪوششن اهم ڪردار ادا ڪيو. ايم ڊبليو او جي ريجنل صدر ايڇ ايم شهزاد، نيورولوجسٽ رمل ڪمار، عبدالرزق پرديسي ۽ رحيم جانو پڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته خص??صي ماڻهو معاشري جو لازمي حصو آهن ۽ ا??هن جي تنظيم ا??هن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي ته جيئن اهي ملڪ جي ترقي ۾ فعال ڪردا ادا ڪري س??هن. هن چيو ته ا??هن جي تنظيم خص??صي ماڻهن کي پنهنجي ڪاروباري ۽ صنعتي ادارن ۾ نوڪريون فراه?? ڪندي جڏهن ته خص??صي ٻارن کي هيلٿ ڪارڊ پڻ جاري ڪيو ويندو. ان کان اڳ خاتون اول ثمينه عارف علوي اسڪول جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ خص??صي ٻارن جي راندين جي گالا ۽ اسڪائونٽنگ ايونٽ جي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي منتظمين ثمينه عارف علوي کي يادگاري شيلڊ پڻ پيش ڪئي.