اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مسلسل مصروفيتن، ٻطرفي مٽاسٽا ۽ اعليٰ سطحي جي دورن جي ڪري گڏيل لاڳاپا مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي رهيا ??هن. هڪ آمريڪي ٽيليويزن چينل ايم ايس اين بي سي کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته ماضي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 90 سيڪڙو ڳالهه ٻولهه ??هشتگردي تي ٿيندي هئي جڏهن ته هن وقت 90 سيڪڙو ڳالهه ٻولهه ??قتصادي تعاون ۽ دهشتگردي سميت ٻين شعبن تي ٿئي ٿي، اهو پاڪستان آمريڪا لاڳاپن جي لاءِ هڪ مثبت اشارو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي اسان تبديل نه ٿا ڪري سگ??ون جڏهن ته ماضي مان سبق سکي سگ??ون ٿا ۽ حقيقت پسنداڻي اميدن سان هڪ ٻئي سان ڳنڍجي سگ??ون ٿا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽوزرداري چيو ته ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي تي ڳ??لهه ڪرڻ بدران هڪ ٻئي سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ وڏي فنڊنگ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ ان کي ڪنهن به قدرتي آفت جي ڏس ۾ مضبوط ۽ جٽادار بڻائي سگ??جي جنهن سان ممڪن نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.