اسلام ??باد – 04 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ڳو??ي نگران وزيراعظم مير بلخ شير مزاري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف بلخ شير مزاري جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ت?? ملڪ ۽ قوم جي لاءِ سندس خدمتون دير تائين ياد رکيون وينديون. وزيراعظم چيو ت?? بلخ شير مزاري، مزاري قبيلي جي سردار ۽ ملڪي سياست ۾ هڪ اهم ڪردار رهيو، هو بلوچستان صوبي ۽ پاڪستان جي سياست جي قدآور شخصيت هو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ??طا فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.