اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ 20 کان وڌيڪ ملڪن جي سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي ??مائندن ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير سان گڏ سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي ??مائندن سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي ??وڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو. ترڪمانستان، بحرين، سعودي عرب، آذربائيجان، جرمني ۽ اسپين جا سفارتڪار ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دوري جي ??وقعي تي بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ هئا. پرڏيهي وزير سان گڏ آمريڪا، چين، فرانس، جاپان، اٽلي، ڏکڻ ڪوريا، قطر ۽ ترڪيه کانسواءِ گڏيل ق??من سميت ٻين عالمي ادارن جي ??مائندن پڻ ٻوڏ کان متاثر علائقن جوفضائي جائزو ورتو. وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي ??ڏي وزير سکر ايئرپورٽ ??ي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، منصوبابندي واري وفاقي وزير ۽ سفارتڪارن جو استقبال ڪيو. سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي ??مائندن کي سکر ايئرپورٽ ??ي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي حوالي سان اين ڊي ايم اي پاران بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي ??مائندن کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ نقصانن کان آگاهه ڪيو.