سکر – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي واري وزير کي سنڌ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ جي ٻوڏ ??تا??ر علائقن جو دورو ڪيو، ريليف ڪئمپ ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي عملدارن وزيراعظم کي ??تا??رين جي ??حالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني. سکر ۾ بريفنگ دوران وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو وي?? ته ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري شهرن جو رابطو ڪٽجي وي?? آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو وي?? ته ٻوڏ ??تا??رين جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي، ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري مواصلاتي رابطو ڪٽجي وي?? آهي، شهر ۽ ڳوٺن جو انفراسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو آهي، تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي ??حالي جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، ٻوڏ سبب لائيو اسٽاڪ ۽ فصلن کي پڻ نقصان پهتو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو وي?? ته سنڌ ۾ 43 فلڊ ريليف ڪئمپ قائم ڪيون وي??ن آهن، فلڊ ريليف ڪئمپن ۾ ??تا??رين کي دوائون ۽ کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي واري وزير کي سنڌ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. بعد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ ??تا??رين سان ملاقات ??ڻ ڪئي.