??سل??م آباد – 07 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 156 – ون تحت قومي اقتصادي ڪائونس?? جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قومي اقتصادي ڪائونسل جو چيئرمين ۽ چئني صوبن جا وڏا وزير ڪائونسل جا ميمبر هوندا. وفاق مان منصوبابندي وارو و??اق?? وزير احسن اقبال، ناڻي وارو و??اق?? وزير مفتاح اسماعيل، واپار وارو و??اق?? وزير سيد نويد قمر ۽ مواصلات وارو و??اق?? وزير اسعد محمود اقتصادي ڪائونسل جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته پنجاب مان سردار اويس ا??مد خان لغاري ۽ سنڌ مان سينيٽر نثار احمد کهوڙو جا نالا قومي اقتصادي ڪائونس?? جي ميمبر طور منظور ڪيا ويا، خيبرپختونخواهه مان ناڻي وارو وزير تيمور سل??م جهڳڙا ۽ بلوچستان مان ناڻي وارو سينيئر وزير نور محمد دمڙ بطور ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن. پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين، ناڻي وارو سيڪريٽري، اقتصادي معاملن وارو سيڪريٽري ۽ منصوبابندي ڊويزن وارو سيڪريٽري خصوصي دعوت تي قومي اقتصادي ڪائونس?? جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندا. وزيراعظم سمري تحت قومي اقتصادي ڪائونس?? جي نئين سر جوڙجڪ جي درخواست ڪئي هئي. صدر قومي اقتصادي ڪائونس?? جي نئين سر جوڙجڪ وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڪئي آهي.