بيجنگ – 22 – مئي (اي پي پي) پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏي??ي وزير وانگ ??ي سان گڏ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو. پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏي??ي وزير وانگ يي جي دعوت تي چين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي ۽ هو ڏکڻ چين جي شهر گوانگ زو ۾ آهي جيڪو چين جي صوبي گوانگ ڊونگ جو سڀ کان وڏو شهر ۽ گادي وارو شهر پڻ آهي. چيني پرڏي??ي وزارت جي ترجمان زاولي جيان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ پ??ڪستان ۽ چين کي پنهنجي سفارتي لاڳاپن ??ي قيام جي 71 هين س??لگرهه تي مبارڪباد پڻ ڏني. چين ۾ پ??ڪستان جي سفير معين الحق پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 71 هين س??لگرهه جي موقعي تي اسان ان ڳالهه کي ورجايون ٿا ته اسان پنهنجي مضبوط دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، اسٽريٽجڪ رابطن کي مضبوط ڪنداسين، ماحولياتي رابطن کي مستحڪم بڻائيندي عوام سان عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ مٽاسٽا کي فروغ ڏنو ويندو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃبو. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ??ي قيام جي 71 هين س??لگرهه جي موقعي تي پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري به 21 مئي کان چين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. 21 مئي 1951ع تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا. پاڪستان چين کي تسليم ڪندڙ شروعاتي ملڪن مان هڪ ۽ چين س??ن سفارتي لاڳاپا قائم ڪندڙ پهريون اسلامي ملڪ آهي.