اسلام آباد – 25 –; اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف راولپنڊي اسلام آباد جي شهرين سان هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو. فيض آباد کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ کي ميٽرو بس سروس سان ڳنڍيو ويو. شهري نيو اسلام آباد ايئرپورٽ کان فيض آباد ۽ فيض آباد کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تائين آساني سان سفر ڪري سگهندا. وزيراعظ?? آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز ش??يف راولپنڊي، اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي شهرين سان 7 ڏينهن ۾ پنهنجو واعدو پورو ڪري ڏيکاريو. وزيراعظم شهباز ش??يف اسلام آباد ميٽرو جو چار سال کان نامڪمل منصوبو 4 ڏينهن ۾ فعال ڪرايو. وزيراعظم شهباز ش??يف اسلام آباد ميٽرو جي افتتاح تي اعلان ڪيو هو ته رمضان المبارڪ ۾ شهري اسلام آباد ميٽرو ۾ مفت سفر ڪندا.