اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڏکڻ ??نجاب صوبي جي قيام لاءِ آئيني ترميمي بل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي پيش ڪري ڇ??يو آهي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري به ان موقعي تي موجود هو. پرڏيهي وزير قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي درخواست ڪئي ته ان بل کي سومر تي منعقد ٿيند?? قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پرڏيهي وزير جي درخواست تي ان ڏکڻ ??نجاب آئيني ترميمي بل کي سومر تي منعقد ٿيندڙ اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڏکڻ ??نجاب صوبي جو قيام پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور جو حصو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ميلسي جي عوامي رابطا جلسي ۾ ڏکڻ ??نجاب آئيني ترميمي بل پارليامينٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي مون آئيني ترميمي بل، قانون واري وزارت جي منظوري کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇ??يو آهي، اڄ وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ڏکڻ ??نجاب جي عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇ??يو آهي.