اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پا??ستان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن جي موجب جديد اسلامي فلاحي رياست ٺاهڻ جي لاءِ اجت??اع?? قومي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، تحريڪ پا??ستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن نظريه پا??ستان ڪائونسل (ٽرسٽ) جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نظريه پا??ستان ڪائونسل جي چيئرمين ميان محمد جاويد پاران صدر کي ٽرسٽ جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ هن ٻڌايو ته ٽرسٽ جو بنيادي مقصد حب الوطني ۽ اسلام جي تعليم کي عام ڪرڻ آهي، ٽرسٽ سڄي ملڪ ۾ پا??ستان کي درپيش مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ مبحاثي ۽ سيمينارز جو انعقاد ڪندو آهي، ان موقعي تي صدر چيو ته پا??ستان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ لاءِ اجت??اع?? قومي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، تحريڪ پا??ستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي. نوجوان نسل کي نظريه پا??ستان سان روشناس ڪرائڻ جي ضرورت آهي. صدر نظريه پا??ستان اجاگر ڪرڻ، نوجوان نسل ۾ حب الوطني جي جذبي کي هٿي وٺرائڻ ۾ ٽرسٽ جي ڪوششن کي ساراهيو.