اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻا، ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزير??عظ?? عمران خان سان بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه ملاقات ڪئي. نيشنل گارڊ ڪمانڊر وزير??عظ?? کي بادشاهه، ولي عهد ۽ بحرين جي وزير??عظ?? پاران مبارڪباد وارو پيغام پهچايو. پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران بحرين جي قيادت لاءِ وزير??عظ?? عمران خان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزير??عظ?? چيو ته بحرين سان پاڪستان جا پراڻا لاڳاپا آهن جنهن جون پاڙون ايمان، قدرن ۽ هم آهنگي سان جڙيل آهن. وزير??عظ?? بهتر حصيداري قائم ڪرڻ لاءِ ٻنهي طرفن جي ڪوششن کي ساراه??ند?? گهري ۽ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ڪووڊ -19 جي خلاف بحرين جي ڪامياب قدمن کي ساراه??ند?? وزير??عظ?? عمران خان ان وبا جي دوران پرڏيهي پاڪستانين جي سارسنڀال تي بحريني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو ۽ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ دوستي جي ان رشتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بحرين جي نيشنل گارڊ ڪمانڊر پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پختي عزم جو اظهار ڪندي پاڪستان پاران مسلسل حمايت تي ٿورو ادا ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻئي مل?? سدائين مشڪل وقت ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا، هن اسلامي تعاون تنظيم جي راءِ تي پاڪستان پاران گڏيل قومن ۾ 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي طور تي ملهائڻ جي پيش ڪيل تاريخي قرارداد جي منظوري تي وزير??عظ?? کي مبارڪباد ڏني. وزير??عظ?? کيس ٻڌايو ته هو جلد کان جلد بحرين جي بادشاهه، ولي عهد ۽ پنهنجي هم منصب جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي، پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ روايتي، ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ڊسمبر 2019ع ۾ وزير??عظ?? عمران خان جي بحرين جي دوري کانپوءِ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ لاڳاپا بلندي طرف گامزن آهن.