ڪراچي – 24 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليمي ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته ??هي نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ تي ڌيان ڏين ته ??يئن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي. اها ڳالهه هن اقرا يونيورسٽي جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري 19 هين جلسي کي خطاب ڪندي چئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي فني تعليم جي اهميت ري روشني وجهندي چيو ته ??سا?? جي تعليم جي اهم جز ۾ ??سا?? جي نوجوان نسل جي صلاحيتن کي نکارڻ جي منطقي سوچ ۽ ڪميونيڪشن اسڪلز جو فروغ هجڻ گهرجي ڇو ته ڪل آبادي جو 64 س??ڪڙو 30 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي. هن اقرا يونيورسٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. صدر چيو ته يونيورسٽي کي گهرجي ته گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافو ڪري. هن ٽيڪنالاجي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ??يندڙ 10 سالن ۾ ڪيتريون ئي شيون بدلجي وينديون، ڏندسازي جو 80 سيڪڙو علم آن لائين دستياب آهي، ان لاءِ نوجوانن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ اهڙي قسم جي ماڊل کي ٻين مضمونن جي لاءِ پڻ اختيار ڪري سگهجي ٿو. 40 سيڪڙو کان وڌيڪ يونيورسٽين جو چانسلر هجڻ جي حيثيت سان هايئر ايجوڪيشن ۽ يونيورسٽين جي عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ جديد تعليم جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. هن تعليم پرائي فارغ ٿيندڙ شاگردن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ??وهان خوش نصيبت آهيو جو تعليم مڪمل ڪئي آهي پر ڪيترائي ماڻهو ان کان محروم آهن. هن چيو ته ??وهان گريجوئيٽ آهيو ۽ توهان کي انهن ماڻهن بابت سوچڻو پوندو جيڪي تعليم حاصل نه ڪري سگهيا ۽ توهان کي انهن جي لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوندو. هن ٻڌايو ته ??ڪومت ملڪ ۾ رهندڙ غريب ماڻهن جي بهتري لاءِ احساس جهڙا مختلف پروگرام شروع ڪيا آهن.