اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) قومي سلا??تي جي صلاحڪار قومي سلا??تي پاليسي سينيٽ ڪميٽي کي پيش ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر معيد يوسف پاران سينيٽ جي دفاعي ڪميٽي کي پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ ان ڪئميرا اجلاس ۾ هڪ جامع بريفنگ ڏني وني. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري پريس رليز ??وجب بريفنگ دوران قومي سلا??تي پاليسي جي خصوصي رخن، ان جي مختلف پاسن، جاري ۽ لاڳو ڪرڻ جي مدي جي تعين بابت معاملن تي بحث ڪيو ويو. قومي سلا??تي جي صلاحڪار پاليسي جي جوڙجڪ جي عمل ۽ پاليسي جي نمايان خاصيتن کان آگاهه ڪيو. نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جي جوڙجڪ جو عمل 2014ع ۾ ان وقت شروع ڪيو ويو جڏهن نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن بڻايو ويو هو، گذريل 7 سالن ۾ وفاقي وزارتن، صوبائي حڪومتن ۽ ٻين سمورين لاڳاپيل ڌرين سان هڪ بين الحڪو??تي مشاورتي عمل شروع ڪيو ويو جڏهن ته تعليمي ماهرن، يونيورسٽي جي شاگردن، آزاد پاليسي ماهرن ۽ سول سوسائيٽي جي ٻين ??يم??رن سان به مشاورت ڪئي وئي، سينيٽ جي دفاعي ڪميٽي قومي سلا??تي جي پاليسي کي هڪ بهترين قدم قرار ڏيندي ان جي آجيان ڪئي جيڪا اڳوڻين حڪومتن پاران ڪيل قومي سلا??تي تي ڪم کي اڳتي وڌائيندي آهي. سينيٽ جي دفاعي ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته بدلجندڙ عالمي منظرنامي کي ڏسندي قومي سلا??تي کي صرف عسڪري قوت جي لحاظ کان بيان نٿو ڪري سگهجي. ان جو دائره ڪار هاڻي صحت، آبادي جي انتظام، وبائي مرض، موسمياتي تبديلي، فوڊ سيڪيورٽي، پاڻي جي کوٽ ۽ تعليم جهڙن انساني سلا??تي جي چئلينجن کي وڌائڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ڪشمير ۽ نيو ڪليئر پروگرام پاڪستان جي بنيادي قومي مفادن جو مرڪز آهي ۽ ان جو فروغ ۽ تحفظ مقدم رهڻ گهرجي، هن پاڪستان جي بياني کي ٻاهرين دنيا جي ??ام??ون پيش ڪرڻ لاءِ هڪ جديد ترين، جامع، پيشيوراڻي اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن بڻائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ پارلياماني سفارتڪاري اهم اهميت رکندڙ آهي. سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته قومي سلا??تي جي پاليسي جيڪا متعصباڻي سياست کان مٿانهون آهي، کي پارليامينٽ جي ذريعي وسيع سياسي اتفاق راءِ رکندڙ هجڻ ضروري آهي ۽ ان تي عملدرآمد لاءِ اختيار ڪيل پاليسين جو بنياد اداره جاتي فيصلا سازي هجڻ گهرجي، اجلاس ۾ سينيٽرن فيصل جاويد، رخسانه زبيري، ڊاڪٽر زرقا سهروردي تيمور، پلوشه محمد زئي خان، هدايت الله ۽ وليد اقبال شرڪت ڪئي.