اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي ??دارت ۾ اڳوڻن پرڏيهي سيڪريٽريز، سفيرن ۽ حڪومتي ترجمانن جو اهم اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ 19 ڊسمبر تي منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ??ير معمولي اجلاس جي ??والي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ??ير معمولي اجلاس جي مقصدن ۽ افغانستان جي ??ورتحال کان شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني. هن چيو ته ان اجلاس جو مقصد لکين افغانين کي درپيش ان??اني بحران جي ??دارڪ ۽ ان??اني بنيادن تي ان جي مدد ط??ف عالمي برادري جو ڌيان ڏيارڻ آهي، پاڪستان جي ??فغانستان جي ??من ۽ امان ۽ اتان نڪرڻ بابت ڪوششن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو. شاهه محمود قريشي چيو ته 15 آگسٽ کانپوءِ اسان افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن کي اعتماد ۾ ورتو، افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جو پهريون اجلاس پاڪستان، ٻيو تهران ۾ ٿيو جڏهن ته ٽيون اجلاس چين ۾ متوقع آهي، پرڏيهي وزير چيو ته اسان گڏيل لائحه عمل جي ??وڙجڪ ۽ علائقائي رابطن جي فروغ کي نظر ۾ رکندي علائقائي ملڪن سان رابطن ڪيو، هاڻي افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جو هڪ پليٽ فارم قائم ٿي چڪو آهي، اسان جون ڪوششون فائديمند ثابت ٿي رهيون آهن، عالمي برادري افغانستان ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ دنيا سمجهي ٿي ته افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ ڪنهن جي مفاد ۾ نه آهي، عالمي برادري ان??اني بنيادن تي افغانستان جي مدد لاءِ راضپو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري جا ڪجهه خدشا آهن جنهن ۾ افغانستان ۾ ان??اني بنيادن تي حقن جي پاسداري، دهشتگردي جي ??حفظ ۽ محفوظ واپسي جهڙا شرط شامل آهن، هن چيو ته 21 آڪٽوبر تي مون پنهنجي ڪابل دوري جي ??وران افغانستان جي ??بوري قيادت تي واضح ڪيو ته دنيا کي توهان سان ڪجهه اميدون لاڳاپيل آهن جنهن لاءِ توهان کي گنجائش پيدا ڪرڻي پوندي، مون کي اسٽريٽجڪ ڳالهين جي ??لسلي ۾ برسلز وڃڻ جو موقعو مليو، پرڏيهي وزير چيو ته مون يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن واري سربراهه سان ملاقات ۾ واضح ڪيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ وڌندڙ معاشي ۽ ان??اني بحران طرف ڌيان نه ڏنو ويو ته ان جا خراب اثر نه رڳو پاڪستان ۽ خطي پر پورو يورپ متاثر ٿيندو، پرڏيهي وزير چيو ته اسان واضح ڪيو ته افغانستان جي ??ورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي وڌڻو وپندو. مسلمان امت جي ??جتماعي آواز هجڻ جي ناطي، اسان سمجهون ٿا ته افغانستان جي ??ورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ او آءِ سي هڪ اهم پليٽ فارم ثابت ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ سعودي عرب جڏهن او اءِ سي جي ??ربراهه جي ??يثيت سان افغانستان جي ??ورتحال تي غير معمولي اجلاس گهرائڻ جي ??جويز ڏني ته پاڪستان ان تجويز جي مڪمل حمايت ڪئي، شاهه محمود قريشي چيو ته انهي ڪوششن جي نتيجي ۾ پاڪستان، 41 سالن کانپوءِ 19 ڊسمبر تي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ??ير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ وڃي رهيو آهي، هن چيو ته اڄ 11 آمريڪي ڪمانڊرز ۽ سفيرن جي ??حيحن سان، آمريڪا ۾ شايع ٿيندڙ ايڊيٽوريل ۾ لکيو ويو آهي ته افغانستان معاشي تباهي جي ??رف وڃي رهيو آهي، معاشي پابنديون صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت نه ٿي رهيون آهن، انهن 11 شخصيتن ۾ اهڙا ماڻهو شامل آهن جيڪي افغانستان ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن. پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي سفيرن جو بيانو پاڪستان جي ??ياني سان هڪجهڙائي رکي ٿو، افغانستان جو 75 سيڪڙو بجيٽ ٻاهرين امداد تي هو جيڪو بند ٿي چڪو، افغانستان جا پنهنجا فنڊ منجمند ٿي ويا، پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ گذريل ٻن سالن کان ڏڪار جي ??ورتحال آهي، ڪيترائي افغاني شهري ملڪ کان ٻاهر رهندا آهن ۽ پنهنجي ??شتيدارن جي مدد ڪرڻ چاهين ٿا ۽ هو افغانستان ۾ بئنڪنگ چئنل نه هجڻ جيڪ ري مدد فراهم ڪرڻ کان قاصر آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته ورلڊ فوڊ پروگرام موجب 95 سيڪڙو افغانن وٽ کاڌي لاءِ ڪجهه نه آهي، ان صورتحال تي ضابطو نه آندو ويو ته گذريل 20 سالن کان استحڪام ۽ امن امان لاءِ ڪيل ڪوششون مٽي ۾ ملي وينديون، اسان گڏيل قومن جي ??دارن، پي 5 جي نمائندن ۽ اهم يورپي ملڪن جي نمائندن کي به ان غير معمولي اجلاس ۾ دعوت ڏني آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان ان اجلاس ۾ افغانن کي به مدعو ڪيو آهي ته جيئن هو پنهنجو موقف سڀني جي ??امهون پيش ڪري سگهن، شديد سردي جي ڪري افغانستان ۾ صورتحال ڀيانڪ ٿي سگهي ٿي، شاهه محمود قريشي يو ته افغان چاهي ٿو ته کيس اميدن تي پورو لهڻ لاءِ ٿورو وقت ڏنو وڃي، اسان چاهيون ٿا ته ان بحران کي به منهن ڏنو وڃي ۽ ان جي ??مداد جو به ڪو وسيلو نڪري سگهي، افغانستان جي معاملي تي قومي اتفاق راءِ موجود آهي، هن چيو ته اسان سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳوڻن کي به ان اجلاس ۾ گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.