اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اجلاس ۾ تجويز ڪيل قومي سلامتي ??اليسي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم جي قومي سلامتي ??اري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ڪميٽي کي پ??ليسي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ڊاڪٽر معيد يوسف ڪميٽي کي ٻڌايو ته قومي سلامتي جي پ??ليسي انساني، اقتصادي ۽ دفاعي سلامتي جي وچ ۾ تعلق کي نظر ۾ رکندي عوام جي خوشحالي ۽ تحفظ جي لاءِ جوڙي وئي آهي. هن چيو ته اقتصادي سيڪيورٽي ان پاليسي ۾ بنيادي جز آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاليسي جو مقصد انساني ۽ دفاعي سلامتي ۾ وڌيڪ وسيلن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ آهي. قومي سلامتي ??اري صلاحڪار ڪميٽي کي ٻڌايو ته قومي سلامتي ??اليسي جي جوڙجڪ جي لاءِ ڌرين سان مشاورت جو عمل قومي سلامتي ڊويزن جي قيام کانپوءِ سال 2014ع ۾ شروع ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته 2018ع ۾ هڪ ڊرافٽنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي ج??هن اڳ ۾ ڪيل ڪم کي وڌيڪ اڳتي ??ڌايو. هن ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته ا??هن ڪيترن ئي مسودن تي سمورن رياستي ادارن بشمول صوبائي حڪومت ۽ گلگ بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان مشاورت ڪئي وئي. هن چيو ته پاليسي جي عمل کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ جي لاءِ مشاورتي عمل ۾ سڄي پ??ڪستان مان 600 کان وڌيڪ تعليمي ماهرن، تجزيه ڪارن، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ شاگردن سان پڻ مشاورت ۾ شامل ڪيو ويو. قومي سلامتي ??اري صلاحڪار ٻڌايو ته اقتدار جي منتقلي ۽ تيزي سان بدلجندڙ عالمي حالتن سان قومي سلامتي ??اليسي جي ترجيحن کي هم آهنگ بڻائڻ جي لاءِ قومي سلامتي ??اليسي جي دستاويز جو هر سال جائزو ورتو ويندو. پنهنجي بريفنگ جي پڄاڻي تي ??ومي سلامتي جي صلاحڪار چيو ته تجويز ڪيل قومي سلامتي ??اليسي مستقبل ۾ ملڪ کي درپيش چئلينجز ۽ موقعن جو خاڪو پيش ڪندي. هن چيو ته هي پ??ليسي چئلينجز کي م??هن ڏيڻ ۽ موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ رهنما اصول فراهم ڪندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر قومي سلامتي جي پ??ليسي کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته اها پاليسي موجوده حڪومت جي هڪ خوشحال ۽ محفوظ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوري ادارن جي مضبوطي جي لاءِ قومي پ??ليسين تي عوامي نمائندن سان مشاورت ضروري آهي. هن چيو تهپ اليسي ملڪ کي مستقبل ۾ پيش ايندڙ اندروني ۽ ٻاهرئين چئلينجز جو احاطو ڪندي ۽ ا??هن جي خاتمي لاءِ رهنمائي فراهم ڪندي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن قومي سلامتي ??اليسي جي جوڙجڪ تي سيڪيورٽي ڊويزن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هي پ??ليسي محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان طرف هڪ مثبت اڳڀرائي ثابت ٿيندي. شرڪت ڪندڙن چيو ته هن وقت ملڪ کي اندروني ۽ ٻاهريان چئلينجز درپيش آهن جن تي ضابطو آڻڻ جي لاء?? اهڙي ئي ٺوس سلامتي ??اليسي جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، سينيٽ ۾ قائد ايوان، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن، قومي سلامتي، دفاع، پرڏيهي معاملن ۽ گهرو ڊويزن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.