اشڪ آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلامو فوبيا هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪو آهي، اسلامي برادري اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي لاءِ قدم کڻي، گلوبل وارمنگ هڪ اهم مسئلو آهي، گرمي پد ۾ گهٽتائي جي لاءِ ترقي يافته ملڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، افغانستان 40 سال جنگ کي منهن ڏنو آهي، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ تمام ضروري آهي، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ مسلمان ا??ت کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، پوري دنيا جي معيشت ڪورونا وبا جي ڪري متاثر ٿي، ڪوويڊ 19 جي وبا جي ڪري عالمي سطح تي مهانگائي درپيش آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اشڪ آباد ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي ا??) جي 15 هين اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته واپاري ۽ اقتصادي رابطن جو فروغ وقت جي ا??م ضرورت آهي، ايڪو جو پليٽ فارم اقتصادي رابطن جي اض??في ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته مختلف ملڪن ۽ عالمي معيشتن جي رابطن جو فروغ ضروري آهي ته جيئن مستقبل ۾ گڏجي اڳتي وڌي سگهجي. هن چيو ته ايڪو جي ميمبر ملڪن ۾ وسيلن جي گهڻائي آهي ۽ اسان جي گڏيل ثقافت، ورثو ۽ مذهب آهي. صدر چيو ته ايڪو جا ميمبر ملڪ واپار، سيڙپڪاري، فنانس، ويليو چينج ۽ سماجي رابطن سميت مختلف شعبن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ايڪو ملڪن جو گڏيل واپار انهن جي مجموعي واپار جي 8 سيڪڙو برابر آهي جنهن ۾ اض??فو ضروري آهي. صدر عارف علوي چيو ته ايڪو جي متفقه ويزن 2025ع ۽ اسلام آباد پڌرنامي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻو پوندو ته جيئن ا??ڪو ٽر??ڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ ۽ ري ا??شورنس ڪمپني قائم ڪري خودمختياري حاصل ڪئي وڃي. هن چيو ته گڏيل رابطن جي فروغ جي لاءِ بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. صدر چيو ته افغانستان 40 سال جنگ کي منهن ڏنو آهي ۽ جنگبندي کانپوءِ اتي ا??ساني معاشي مشڪلاتون درپيش آهن، سرديون اچي رهيون آهن، ان لاءِ بحران ۾ شدت جو خدشو آهي. هن چيو ته مسلمان ا??ت افغانستان جي ترقي، امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڇو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پوري خطي جي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته اسان کي گڏجي ا??غانستان جي معاشي ترقي جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خطي جي گڏيل رابطن جي فروغ لاءِ ضروري آهي. صدر چيو ته مسلمان ملڪ پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان ۾ هن وقت 35 کان 40 لک پناهگيرن جي ميزباني ڪئي پئي وڃي پر تعجب آهي ته انساني حقن جو درس ڏيندڙ ملڪ پناهگيرن کي پنهنجي ملڪن ۾ داخل ئي ٿيڻ نه ٿا ڏين. هن چيو ته اسان کي دنيا کي ا??و سبق ڏيڻو پوندو ته اخلاقيات تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته مسلمان ا??ت گڏجي عالمي سوچ ۾ تبديلي جي لاءِ اڳتي وڌي ته جيئن اسلامو فوبيا جي لهر جو خاتمو ڪري سگهجي. ڪورونا وائرس جي حوالي سان قومي معيشت بابت صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ۽ غريبن جي اربين رپين جي ا??داد ڪري معيشت کي بحال رکيو. هن چيو ته دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ناڻي واڌ جا مسئلا درپيش آهن ۽ صارفين کي قيمتن ۾ اض??في کي منهن ڏيڻو پيو آهي جڏهن ته اسان جي حڪومت غريب طبقي جي معاونت جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته غريب ۽ گهٽ ترقي يافته ملڪن کان ڦريل رقم جي ا??ير ملڪن کي ترسيل روڪي ۽ اسان جا ??وري ڪيل اثاثا اسان کي واپس ڪيا وڃن.