اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته القادر يونيورسٽي جو قيام وزيراعظم عمران خان جو جهلم جي عو??م جي لاءِ هڪ ٻيو تحفو آهي، اها يونيورسٽي سوشل سائنسز ۾ نئين جهت جو اضافو ڪندي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن ان اميد جو اظ??ار ڪيو ته القادر يونيورسٽي هڪ اهڙي عالمي درسگاهه بڻجندي جنهن ۾ تصور، اسلام ۽ سائنس جي علم ج?? اسڪالرز پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ٽوئيٽ م??جب وزيراعظم عمران خان اڄ سومر ڏينهن القادر يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ بلاڪس جو افتتاح ڪندو. اسلامي تعليم، تصور ۽ جديد سائنسي تحقيقي تي ٻڌل القادر يونيورسٽي نوجوان نسل ۾ علم ۽ تحقيق جي فروغ کانسواءِ انهن جي ڪردارسازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.