مڪه المڪرمه – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان پنهنجي ٽن ڏينهن جي دوري دوران پهرين ڏينهن ڇنڇر جي رات وفد سان گڏ عمرو ادا ڪيو. ان موقعي تي وز??راعظم عمران خان پاڪستان جي امن ۽ خوشحالي کانسواءِ مسل??ان امت جي لاءِ دعا ڪئي. ان کان اڳ وز??راعظم عمران خان مدينه منوره پهتو جتي مدينه منوره ۾ مڪه ريجن جي ڊپٽي گورنر شهزاده فيصل بن الخالد السعود وز??راعظم جو استقبال ڪيو. مدينه منوره اچڻ جي فوري پوءِ وز??راعظم عمران خان مسجد نبوي ﷺ ۾ روضه رسول ﷺ تي حاضري ڀري ۽ نفل ادا ڪيا ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. وز??راعظم عمران خان جڏهن جده پهتو ته مڪه ريجن جي ڊپٽي گورنر شهزاده بدر بن سلطان السعود سندس استقبال ڪيو. وز??راعظم عمران خان سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري تي رياض ۾ ٿيندڙ مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽيو اين جي آئي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پهتو آهي. وز??راعظم عمران خان ولي عهد شهزاده محمد بن سل??ان بن عبدالعزيز جي دعوت تي سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي. وز??راعظم عمران خان سعودي عرب ۾ گرين انيشي ايٽيو اين جي آئي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ سيڙپڪاري فورم ۾ پڻ شرڪت ڪندو ۽ سعودي قيادت سان ملاقات پڻ ڪندو. توقع آهي ته وز??راعظم سعودي عرب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن سان پڻ ملاقات ڪندو. وز??راعظم عمران خان سان گڏ وفد ۾ پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وفاقي وز??ر حماد اظهر ۽ ماحوليات وارو خاص معاون امين اسلم شامل آهن.