اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شهرين جي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ وڏو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم 2549 ادا??ن جي جزوي طور تي حل ٿيل شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم ڏنو آهي. پرائم منسٽر ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري تفصيل موجب ان سلسلي ۾ 83 هزار 741 شڪايتن کي ٻيهر کولي مجاز آفيسرن کي ضروري ڪارروائي جي لاءِ تفويض ڪيون وينديون. ڄاڻايل سمورين شڪايتن ۾ شهرين کي جزوي ريليف جو اشارو ڏنو ويو هو. پي ايم ڊي يو چيو آهي ته 773 وفاقي ادا??ن جون 43 هزار 351 شڪايتون کوليون وينديون جڏهن ته صوبائي حڪومتن جي 2450 ادا??ن جون 40 هزار 415 شڪايتون ٻيهر تفويض ڪيون وينديون. پي ايم ڊي يو چيو آهي ته وفاقي سطح تي سڀ کان وڌيڪ 3181 شڪايتون آئيسڪو جون کوليون وينديون جڏهن ته صوبائي سطح تي پنجاب ۾ هاءِ وي جون 1606، خيبرپختونخواهه ۾ پي ڊي اي جون 412، سنڌ ۾ ڪي ڊبليو ايس پي جون 874 ۽ بل??چستان ۾ سيڪنڊري ايجوڪيشن جون 130 شڪايتون سرفهرست آهن. پي ايم ڊي يو چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ عوامي شڪايتن جو هر ممڪن حل يقيني بڻايو ويندو.