اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صنعتي شعبي جي ضرورتن کي ??ورو ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ هنرمند افرادي قوت پي??ا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽين ۽ تربيتي ادارن طرفام مهارتن جي فراهمي سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پي??ا ڪرڻ ۾ نمايان مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي (اين ايس يو) اسلام آباد جي مش??ورتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، اين ايس يو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد مختار ۽ مش??ورتي ڪائونسل جي ميمبرن شرڪت ڪئي. وائيس چانسلر اجلاس کي ??نر تي ٻڌل ۽ فني تعليم ڏيڻ ۾ اين ايس يو جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته مش??ورتي ڪائونسل اين ايس يو جي تعليمي پروگرامن کي ??علومات فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي ته جيئن تربيت ۽ مهارت جا ڪورسز ۽ تعليمي پروگرام انڊسٽري جي گهرجن ۽ گڏيل ضرورتن کي ??وس بڻائي سگهجي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر اين ايس يو ۽ صنعتي شعبي جي وچ ۾ رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اين ايس يو ۽ صنعتي شعبي جي وچ ۾ سهڪار ۽ حصيداري اهم آهي ڇو ته ان سان نوجوانن جي لاءِ مارڪيٽ ۾ مهارت ۽ روزگار جا موقعا پي??ا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ملڪ جي صنعتي شعبي کي ??نرمند افرادي قوت جي کوٽ درپيش آهي، هن اين ايس يو ۽ ٻين فني تربيتي ادارن تي زور ڏنو ته اهي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب ملازمت جي قابل گريجوئيٽ پي??ا ڪن. صدر وڌيڪ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته يونيورسٽي پاران پيش ڪيل تعليمي ۽ ٻين تربيتي ۽ هنرمندي جي پروگرامن بابت ماڻهن ۾ شعور پي??ا ڪرڻ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي.