اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر روزاني انصاف جي چيف ايڊيٽر ۽ پروگرام حسب حال جي اينڪر پرسن جنيد سليم جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. اسپيڪر جنيد سليم جي نالي پنهنجي جاري تعزيتي پيغام ۾ سندس والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ??رحومه جو لاڏاڻو سوڳوار خاندان جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي ۽ مرحومه جي لاڏاڻي سان پيد ٿيل خال ڀرجي ??ه ٿو سگهجي. اسپيڪر اسد قيصر الله تعاليٰ کان مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان کي ان ناقا??ل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عط?? فرمائڻ جي دعا پڻ ڪئي.