اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي چونڊ عم?? جو حصو بڻائڻ لاءِ انٽرنيٽ ووٽنگ اڻٽر آ??ي، آءِ ووٽنگ نظام جي فول پروف سيڪيورٽي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ ووٽنگ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي ذيلي ڪميٽي جي 22 هين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير س??د امين الحق، آءِ ٽي جو سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت، نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن جي عم??دارن به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ نادرا صدر کي آءِ ووٽنگ تي ٿيندڙ اڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو، ص??ر عارف علوي چيو ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي چونڊ عم?? جو حصو بڻائڻ لاءِ آءِ ووٽنگ اڻٽر آ??ي، آءِ ووٽنگ نظام جي فول پروف سيڪيورٽي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال وڃي، هن هدايت ڪئي ته نادرا آءِ ووٽنگ نظام جي تياري ۾ ٽيڪنيڪي چئلينجز ختم ڪرڻ لاءِ مدد فراهم ڪري. اجلاس ۾ آءِ ووٽنگ جي نظام جي تياري ۾ تيزي آڻڻ، نگراني ڪرڻ ۽ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ ذيلي ڪميٽي جوڙڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. صدر آءِ ووٽنگ نظام جي تياري ۾ هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي لاڳاپيل ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو.