حيدرآباد – 19 جون (اي پي پي) ضلعي انتظاميا حيدرآباد پاران حيدرآباد ڪلب قاسم آباد ۾ هڪ ڏينهن وارو ورچوئل مينگو شو منعقد ڪيو ويو. مينگو شو ۾ 20 کان وڌيڪ اسٽال لڳايا ويا جتي ??نڌ??ي، سنهري، سونارو، لال بادشاهه، بيگن پالي، ز??فران، انور رٽول ، آبوسي، ز??دالو، پتاشو، رتم گولو، ڪاروديسي، جامن، انوکا سردا، لنگڙو، دسهري کان علاوه 100 کان وڌيڪ ??خت??ف قسمن جا انب نمائش ۾ رکيا ويا. واضح رهي ته ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو جي فيس بڪ پيج تان پڻ مينگو شو سڌو سنئون ڏسڻ لاءِ انتظام ڪيو ويو هو. ورچوئل مينگو شو دوران آن لائن خصوصي طور خطاب ڪندي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ ضلعي انتظاميا حيدرآباد جي سٿ کي بهترين مينگو شو منعقد ڪرڻ تي سندن واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته مينگو شو منعقد ڪرڻ جو مقصد انبن جي ??خت??ف قسمن کي متعارف ڪرائڻ آهي ۽ موجوده ڪورونا جي وبائي صورتحال جي ڪري ورچوئل پروگرام منعقد ڪيو ويو آهي ته جيئن روايت کي برقرار رکي سگهجي ۽ انبن جي ??خت??ف قسمن کي متعارف ڪرائي وڌيڪ ناڻو ڪمائي سگهجي.