اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان پاڪستان تحريڪ انصاف جرمني جي صد?? طارق جاويد ملاقات ڪ??ي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، جرمني ۾ رهندڙ پرڏيهي پاڪستانين جي مسئلن جي حل جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پرڏيهي ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، انهن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ٻاهرين ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستانين عمران خان تي اعتماد ڪندي ر??ارڊ پرڏيهي ناڻو پاڪستان موڪليو آهي ۽ پرڏيهي پاڪستاني روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن.