اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) سرڪاري ڪاروباري ادارن بابت ڪابينا جي ڪميٽي انهن ادارن جي فارينزڪ آڊٽ لاءِ نظرثاني ٿيل ٽرمز آف ريفرنس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سرڪاري ڪاروباري ادارن بابت ڪابينا جي ڪميٽي جو اج??اس هتي ناڻي وا??ي وفاقي وزير حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو، اج??اس ۾ نجڪا??ي وارو وفاقي وزير محمد ميان سومرو، وزيراعظم جي واپار وا??ي وفاقي وزير عبدالرزاق دائود، اداره جاتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ روينيو بابت خاص مددگار وقار مسعود شرڪت ڪئي، اج??اس ۾ سرڪاري ڪاروباري ادارن جي فورينزڪ آڊٽ جي ٽرمز آف ريفرنس جي منظوري ڏني وئي. ناڻي واري سيڪريٽري اي جي پي آفيس ۽ ن??ي آڊٽ فرمز لاءِ نظرثاني ٿيل ٽرمز آف ريفرنس پيش ڪندي چيو ته ان سان معيار کي يقيني بڻائيندي ۽ لاڳت ۾ گهٽتائي تي ڌيان ڏنو ويندو ته جيئن گيپ جي نشاندهي ٿي سگهي ۽ ب??تر سفارشون جوڙي سگهن.