مظفر آباد -26 جنوري (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير پاڪستان سميت سڄي د??يا ۾ رهندڙ ڪشميرين ڀارت جي جمهوريت واري ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو ۽ پنهنجي آزادي جي جدوجهد کي حق خوداراديت جي حاصلات تائين جاري رکڻ واري عزم کي ورجايو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق پاسبان حريت ڄمون ڪشمير ج?? انتظام هيٺ آزاد ڪشمير ۾ ڪنٽرول لائين ويجهو چڪوٽي ۾ ڀارت جي جمهوريت واري ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويو. ڪارا جهنڊا هٿن ۾ کڻي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سوين شهرين چڪوٽي، م??فر آباد ۾ ڀارت مخالف احتجاجي ريلين ۾ شرڪت ??ئي.