اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر شيخ محمد بن زيد ا??نه??ان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ موجوده ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن تي خي??لن جو اظهار ڪيو ?? گهڻ رخي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي. هنن ڪوويڊ 19 ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي ايشوز تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم عمران خان ۽ شيخ محمد بن زيد ا??نه??ان ٻطرفن لاڳاپن ۾ ا??افي جي لاءِ ويجهي طور تي ڪم ڪرڻ ۽ گهڻ رخي ادارن ۾ تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.