راولپنڊي – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نشي جي ڪين??ر خلاف سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائي ويندي ۽ نئين نسل کي بچائڻ جي لاءِ معاشري کي گڏجي منشيات جي ڏوهن ۽ ڪرپشن سان وڙهڻو آهي، ملڪ ۾ 70 لک نوجوان منشيات جي لعنت جو شڪار آهن، اسڪولن جا ٻار به ان جا عادي بڻجي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اينٽي نارڪوٽڪس (منشيات جي خاتمي) بابت فور?? جي هيڊڪوارٽرز جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.